ڪراچي، ميئر آفيس ۾ باهه، اهم رڪارڊ سڙي ويو

ڪراچي، ميئر آفيس ۾ باهه، اهم رڪارڊ سڙي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي آفيس ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي جي ميئر جو آفيس مڪمل طور تي سڙي ويو.رپورٽن مطابق، ايم اي جناح روڊ تي واقع ڪي ايم سي هيڊ آفيس ۾ ڪراچي جي ميئر جي آفيس سان ملحق باورچی خانه ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جلدي سڄي حصي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.ڪي ايم سي هيڊ آفيس ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جو آفيس مڪمل طور تي سڙي ويو.ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٻن فائر ٽينڊرن ڪارروائي ڪئي ۽ باهه تي ضابطو آندو ويو آهي. اختيارين موجب، واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.اختيارين موجب، واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو