ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) ريگل چوڪ ڀرسان دڪانن ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ فائر برگيڊ جون گاڏيون پهچي ويون. فائر برگيڊ اختيارين موجب باهه وسائڻ جي عمل ۾ 3 فائر ٽينڊر ۽ هڪ واٽر باوزر حصو وٺي رهيا آهن.اختيارين جو چوڻ آهي ته دڪانن ۾ باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.










