لاڙڪاڻو (ن س )لاڙڪاڻي شهر جي مڇي مارڪيٽ واري علائقي ۾ گذريل رات فاسٽ پيٽرول پمپ تي پيٽرول کڻي ايندڙ ٽينڪر مان اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 موٽرسائيڪلون، هڪ ڪار، هڪ ويگن، پيٽرول ٽينڪر ۽ سڄو پيٽرول پمپ سڙي رک ٿي ويا. واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته ڪروڙين رپين جي مالي نقصان جا اطلاع آهن.اطلاعن موجب پيٽرول پمپ تي ٽينڪر مان پيٽرول منتقل ڪرڻ دوران اوچتو باهه لڳي، جنهن ڪجهه ئي وقت ۾ پمپ ۽ ڀرسان بيٺل گاڏين کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. واقعي جو اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيمون ترت پهچي ويون ۽ باهه وسائڻ جون ڪوششون شروع ڪيون. پيٽرول جي وڏي مقدار سبب باهه تي مڪمل ضابطو آڻڻ ۾ لڳ ڀڳ ٻه ڪلاڪ لڳي ويا. باهه سبب پيٽرول پمپ، ٽينڪر ۽ گاڏيون مڪمل طور سڙي ويون. واقعي واري هنڌ دڙي ٽائون جو چيئرمين شاهه رخ انور سيال ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان مغل پڻ پهتا. واقعي ۾ جاني نقصان نه ٿيڻ سبب وڏي حادثي کان بچاءُ ٿي ويو، جڏهن ته مالي نقصان ڪروڙين رپين ۾ ٿيڻ جا اطلاع آهن.










