ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) حبيب چورنگي، سائٽ ٽائون ۾ گارمينٽس فيڪٽري جي ٻي منزل تي لڳل باهه تي 4 ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ ضابطو آندو ويو، جڏهن ته واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. چيف فائر آفيسر محمد همايون موجب فيڪٽري ۾ پلاسٽڪ، رٻڙ ۽ ڪيميڪل موجود هجڻ سبب باهه جي شدت وڌي وئي. فيڪٽري ۾ گهڻو ڪري ڪپڙو، پلاسٽڪ ۽ فائبر تيار ڪيو ويندو آهي. هن ٻڌايو ته باهه تي ضابطو آڻڻ کانپوءِ کولنگ جو عمل جاري آهي. فائر بريگيڊ اختيارين موجب باهه وسائڻ لاءِ 12 فائر ٽينڊر، هڪ اسنارڪل ۽ 3 واٽر بائوزر حصو ورتو، جڏهن ته پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ واٽر ڪارپوريشن جا ٽينڪر پڻ پهتا. واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب فائر بريگيڊ کي هڪ لک 50 هزار گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويو. ريسكيو اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ جا سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيا آهن.










