ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وچ اوڀر ۾ تيل جي فراهمي متاثر ٿيڻ جي خدشن سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.ڳاڙهي سمنڊ ۾ سامونڊي جهازن کي درپيش خطرن ۽ سعودي عرب ۾ تيل جي تنصيبات کي امڪاني خطرن سبب واپارين ۾ ڳڻتي پکڙيل آهي.عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ ڪچي تيل جو اگهه هڪ ڊالر 21 سينٽ واڌ سان 110 ڊالر في بيرل ٿي ويو، جڏهن ته آمريڪي ڪچي تيل ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) جو اگهه پڻ هڪ ڊالر کان وڌيڪ وڌڻ بعد 99 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو.










