اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان کي آڪٽوبر مهيني ۾ ايل اين جي جو پهريون جهاز ملي ويو آهي، پر سياري دوران گئس جي فراهميءَ بابت خدشا وڌڻ لڳا آهن.رپورٽ موجب، پاڪستان کي گذريل ڏينهن قطر مان ايل اين جي جو انتهائي گهربل جهاز پهتو. گئس کڻي ايندڙ جهاز «العريش» صبح 11 لڳي 5 منٽن تي اينگرو جي ايل اين جي ٽرمينل تي لنگر هنيو، جڏهن ته منجهند 12 وڳي گئس کي ٻيهر قدرتي گئس ۾ تبديل ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو. سياري 2026-27ع دوران ملڪ جون گئس گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ايل اين جي جا 24 جهاز گهربل آهن. سياري ۾ سوئي ناردرن گئس پائيپ لائينز لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) جي گئس جي گهرج موجوده 550 ملين مڪعب فوٽ روزاني مان وڌي 1550 ملين مڪعب فوٽ روزاني ٿيڻ جو امڪان آهي. ساڳئي ريت سوئي سدرن گئس ڪمپني (ايس ايس جي سي) جي گهرج به موجوده 300 ملين مڪعب فوٽ روزاني مان وڌي 500 ملين مڪعب فوٽ روزاني تائين پهچي سگهي ٿي. گئس جي وڌندڙ گهرج ۽ محدود فراهميءَ سبب خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته سياري دوران ملڪ جي برآمدي ۽ غيربرآمدي صنعتن، سي اين جي ۽ سيمينٽ جي شعبن کي گئس جي فراهمي متاثر ٿي سگهي ٿي.










