خدا کي مڃو، ماڻھن کي تنگ نه ڪيو، اھڙو رويو بربادي طرف وٺي ويندو

خدا کي مڃو، ماڻھن کي تنگ نه ڪيو، اھڙو رويو بربادي طرف وٺي ويندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ ۾ خيبرپختونخوا جي صورتحال تي بحث دوران اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچڪزئي حڪومت کي موجوده قدم واپس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته اڃا به وقت آهي، خيبرپختونخوا ۾ کنيل قدم واپس ورتا وڃن.قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي محمود خان اچڪزئي چيو ته ڪنهن قيدي کي ملاقات جي اجازت نه ڏيڻ به هڪ سنگين عمل آهي. هن حڪومت کي مخاطب ٿيندي چيو ته ماڻهن کي تنگ نه ڪيو وڃي، اهڙو رويو تباهيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿو. ان موقعي تي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته حڪومتي وفد سندس چيمبر ۾ موجود هو، جڏهن ته اپوزيشن جو وفد ڪميٽي روم ۾ موجود هو. اياز صادق چيو ته حڪومت اڄ به ڳالهين لاءِ تيار آهي، جڏهن ته ڳالهين کي ڪنهن سبوتاژ ڪيو، اهو سڀني کي خبر آهي. هن چيو ته ان معاملي تي جيترو گهٽ ڳالهايو وڃي، اوترو بهتر آهي. محمود خان اچڪزئي موجب، هڪ وقت تي ڌرين وچ ۾ معاهدو ٿيڻ جون ڳالهيون هلي رهيون هيون، پر پوءِ علامه ناصر عباس اچي ٻڌايو ته معاهدو نٿو ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو