ٽن مهينن ۾ 85 هزار دڪاندار آسان ٽيڪس اسڪيم ۾ رجسٽر

ٽن مهينن ۾ 85 هزار دڪاندار آسان ٽيڪس اسڪيم ۾ رجسٽر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آسان ٽيڪس اسڪيم شروع ٿيڻ کانپوءِ ٽن مهينن ۾ 85 هزار دڪاندارن رجسٽريشن ڪرائي ورتي آهي.
اهڙي ڄاڻ جمعي تي ٿيل هڪ اجلاس، جنهن جي صدارت ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ڪئي، پيش ڪئي وئي.
اختيارين اجلاس کي اسڪيم تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته دڪاندارن اسڪيم تي عملدرآمد بابت پنهنجا خدشا پڻ پيش ڪيا.
اجلاس ۾ پيش ڪيل تفصيلن موجب، اسڪيم جي پهرين مهيني دوران 9,806 دڪاندارن رجسٽريشن ڪرائي ۽ اهي ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي مختلف مرحلن ۾ آهن. پريس رليز موجب، رجسٽريشن ڪرائيندڙن ۾ ننڍن توڙي وڏن شهرن جا دڪاندار شامل آهن.
رجسٽرڊ دڪاندارن مان 1,929 دڪاندار پهريون ڀيرو ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿيا آهن.
بلال اظهر ڪياني فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي هدايت ڪئي ته اسڪيم تي عملدرآمد بابت دڪاندارن ۽ وڪيلن پاران اٿاريل فني اعتراضن کي تيزي سان حل ڪيو وڃي. هن اختيارين کي اهو به چيو ته جيڪي دڪاندار پنهنجا ٽيڪس ريٽرن اڳ ئي جمع ڪرائي چڪا آهن، انهن کي بنا دير ايف بي آر پليٽون جاري ڪيون وڃن.
هن اسڪيم کي دڪاندارن لاءِ خاص طور تي تيار ڪيل هڪ سهولت قرار ڏيندي چيو ته اهڙي سهولت ڪنهن ٻئي ڪاروباري شعبي کي حاصل ناهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته وڌيڪ دڪاندار به اسڪيم ۾ شامل ٿيندا ۽ چيو ته اسڪيم شروع ٿيڻ کانپوءِ واپارين وٽ ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر رهڻ جو ڪو جواز باقي نه رهيو آهي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسڪيم تي عملدرآمد ۾ سهڪار لاءِ واپارين ۽ ايف بي آر جي اختيارين وچ ۾ روزاني رابطن جو سلسلو برقرار رکيو ويندو، جڏهن ته ٽيڪس بارز ۽ وڪيلن سان رابطا پڻ وڌيڪ وڌايا ويندا.
شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته اسڪيم بابت اردو ٻوليءَ ۾ هڪ ڪتابچو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي نئين طريقيڪار، اڳوڻي طريقيڪار ۽ آخري تاريخ گذرڻ کانپوءِ لاڳو ٿيندڙ ڏنڊن بابت تفصيل ڏنا ويا آهن.
اجلاس کي بريفنگ ڏيندي اختيارين ٻڌايو ته آخري تاريخ گذرڻ کانپوءِ ٽيڪس ادا نه ڪندڙن تي ڏنڊ لاڳو ٿيندو، چاهي اهي آسان ٽيڪس اسڪيم تحت ٽيڪس ادا ڪن يا عام طريقيڪار تحت. ادائيگي ۾ جيتري دير ٿيندي، ڏنڊ جي رقم به اوتري وڌندي. بيان موجب آخري تاريخ بعد هڪ مهيني تائين جي دير تي 10 هزار، ٻن مهين جي سير تي 25 هزار ۽ ٽن مهينن يا وڌيڪ جي دير تي 50 هزار روپيا ڏنڊ وڌو ويندو.
ٽيڪس ڪمشنرن پڻ پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ ٽيڪس بارز سان رابطن بابت اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي الڳ الڳ آگاهي ڏني.
اجلاس ۾ واپاري اڳواڻن اجمل بلوچ ۽ ڪاشف چوڌري، ميمبر اسٽريٽجڪ ٽرانسفارميشن ڊاڪٽر حامد عتيق، ميمبر ان لينڊ روينيو آپريشنز زبير بلال ۽ ايف بي آر جي سينيئر اختيارين شرڪت ڪئي، جڏهن ته سڄي ملڪ مان چيف ڪمشنر ۽ ڪمشنر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شامل ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو