اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته مئي 2025ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل ڇڪتاڻ ان ڳالهه جي ياد ڏياريندڙ آهي ته ڪشمير جو مسئلو اڻ حل ٿيل ڇڏڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.او آءِ سي جي جموں ۽ ڪشمير بابت رابطي واري گروپ کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار ڪشميرين جي مسلسل حمايت ڪرڻ تي او آءِ سي جي رابطي واري گروپ ۽ انساني حقن واري ڪميشن جا ٿورا مڃيا.هن چيو ته ڪشميري عوام 8 ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت پنهنجي حقِ خوداراديت جو انتظار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن ذريعي والاريل ڪشمير جي آباديءَ جو تناسب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو.نائب وزيراعظم موجب والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري اڳواڻن ۽ نوجوانن کي ڪاري قانونن تحت نشانو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته ڀارت آباديءَ جو تناسب تبديل ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيو آهي.اسحاق ڊار چيو ته والاريل ڪشمير جي مسلمانن جي ثقافتي ۽ مذهبي سڃاڻپ کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته واديءَ ۾ صحافين جي آواز کي دٻايو پيو وڃي، جڏهن ته عالمي مبصرن کي به والاريل علائقن تائين رسائي نه ٿي ڏني وڃي.پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته گذريل سال ڀارت بنا ڪنهن جاچ جي پاڪستان تي بي بنياد الزام هنيا، جڏهن ته پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ ذميواراڻو ۽ متوازن جواب ڏنو.










