اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي امڪاني لانگ مارچ کي نظر ۾ رکندي حڪومت سيڪيورٽي قدمن جي تحت اسلام آباد ۾ رينجرز جي مقرري ۾ واڌ ڪري ڇڏي.گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وفاقي حڪومت اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ رينجرز جي مقرري ۾ اها واڌ 15 آڪٽوبر 2026ع تائين ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ 3 هزار اهلڪار 16 آڪٽوبر تائين مقرر رهندا.اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي 27 سيپٽمبر جي لانگ مارچ کي نظر ۾ رکندي رينجرز جي مقرري 20 سيپٽمبر کان 5 آڪٽوبر 2026ع تائين ڪئي وئي هئي، پر پي ٽي آءِ بعد ۾ مارچ کي ملتوي ڪري 4 آڪٽوبر تي اسلام آباد مارچ جو اعلان ڪيو. تاريخ تبديل ٿيڻ جي باوجود اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي انتظام برقرار آهن، اهم روڊن تي پوليس ۽ رينجرز جي مقرري ڪئي پئي وڃي.ذريعن موجب مقرري ۾ واڌ چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ پنجاب جي گهرو وزارت جي درخواست تي ڪئي وئي آهي، رينجرز چيف ڪمشنر ۽ صوبائي حڪومت جا ڏنل فرض انجام ڏيندي. ٻئي طرف حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ جي حوالي سان ڳالهين جو ٻيو دور اسپيڪر جي چيمبر ۾ شروع ٿي ويو آهي.










