ڪراچي )ويب ڊيسڪ( روس مان تيل جي فراهمي وڌڻ جي امڪانن سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ ڪچي تيل جو اگهه هڪ ڊالر 37 سينٽ، يعني 1.31 سيڪڙو گهٽجڻ کانپوءِ 103 ڊالر 35 سينٽ في بيرل ٿي ويو. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) ڪچي تيل جي قيمت ۾ پڻ هڪ ڊالر 30 سينٽ، يعني 1.42 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ اگهه 90 ڊالر 55 سينٽ في بيرل ٿي ويو.پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته يوڪرين ۽ روس هڪ ٻئي جي توانائيءَ جي تنصيبات تي حملا روڪڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جنهن سبب روسي تيل جي فراهمي وڌڻ جون اميدون پيدا ٿيون آهن. ٻئي طرف ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جاري رهڻ سبب برينٽ ڪچي تيل جو اگهه 100 ڊالر في بيرل کان مٿي برقرار رهيو.










