ايٿوپين ايٿليٽ هاف ميراٿن جو رڪارڊ ٻيهر پنهنجي نالي ڪري ورتو

ايٿوپين ايٿليٽ هاف ميراٿن جو رڪارڊ ٻيهر پنهنجي نالي ڪري ورتو

بيونس آئرس (ويب ڊيسڪ)ايٿوپيا جي ايٿليٽ يوميف ڪيجيلچا هاف ميراٿن جو عالمي رڪارڊ ٻيهر پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.بيونس آئرس ۾ هاف ميراٿن ريس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ايٿوپيا جي يوميف ڪيجيلچا رڪارڊ وقت 56 منٽ ۽ 51 سيڪنڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.29 ورھين جي ايٿليٽ ان کان اڳ 2024ع ۾ ويلنسيا ۾ هاف ميراٿن 57 منٽ ۽ 30 سيڪنڊن جي رڪارڊ وقت سان کٽي نئون رڪارڊ قائم ڪيو هو، جنهن کي يوگينڊا جي جيڪب ڪپليمو لزبن ۾ ٽوڙيو هو.هاڻي يوميف اهو عالمي رڪارڊ ٻيهر پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.عورتن جي مقابلي ۾ اها ريس ايٿوپيا جي فوٽين ٽيسفي پنهنجي نالي ڪئي، جنهن مقرر فاصلو 1 ڪلاڪ 3 منٽن ۽ 57 سيڪنڊن ۾ طئي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو