بجلي في يونٽ هڪ رپيو 11 پيسا مهانگي

بجلي في يونٽ هڪ رپيو 11 پيسا مهانگي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي جي صارفين لاءِ خراب خبر، آگسٽ جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ هڪ رپيو 11 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي.نيپرا پاران بجلي مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت قيمتن ۾ واڌ جو اطلاق ڪي اليڪٽرڪ سميت سڄي ملڪ جي بجلي صارفين تي ٿيندو. بجلي جي قيمت ۾ ڪيل واڌ جي رقم ڪراچي سميت ملڪ جي سمورن صارفين کان آڪٽوبر جي بجلي جي بلن ۾ وصول ڪئي ويندي. آگسٽ جي فيول ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي صارفين تي مجموعي طور 19 ارب رپين جو اضافي بار منتقل ٿيندو. نيپرا موجب لائف لائن ڪيٽيگري ۾ شامل بجلي صارفين تي في يونٽ هڪ رپيو 11 پيسا واڌ لاڳو نه ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو