ٽانڪ (ويب ڊيسڪ)ٽانڪ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊي جي اليڪشن ڪميشن شمشاد اختر شهيد ٿي ويو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، شمشاد اختر جي ڪنهن سان به ذاتي دشمني نه هئي، واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو نتيجو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته شمشاد اختر ايماندار، شريف النفس ۽ فرض شناس آفيسر هو.چيف اليڪشن ڪمشنر، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۽ سمورن ملازمن پاران شمشاد اختر جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان مطالبو ڪيو آهي ته سرڪاري ملازمن کي دهشتگرديءَ جي واقعن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي.










