گهارو (ن س )گهارو ويجهو خانيا محلي ۾ موبائيل فون وٺي نه ڏيڻ تان 12 ورهين جي پٽ مبينا طور قينچي جا وار ڪري پنهنجي پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو.تفصيل موجب، خانيا محلي ۾ رهندڙ داروغي عزيز خانيو کي سندس 12 ورهين جي پٽ علي شير خانيو موبائيل فون وٺي نه ڏيڻ تان قينچي جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. زخمي پيرسن کي فوري طور سول اسپتال گهارو منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. ٻئي طرف واقعي ۾ ملوث ڄاڻايل جوابدار کي پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي جلد گرفتار ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.










