ايران-آمريڪا جنگبندي لاءِ ڪوششون جاري، اميد ناهي ڇڏي

ايران-آمريڪا جنگبندي لاءِ ڪوششون جاري، اميد ناهي ڇڏي

نيويارڪ)ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي ۽ ڳالهين جي بحالي لاءِ پاڪستان جون سفارتي ڪوششون جاري آهن، اميد جو دامن نه ڇڏيو آهي.گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز ۾ اعلاميي بابت حقِ ترقي جي 40هين سالگرهه جي حوالي سان ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 40 سال اڳ منظور ڪيل اعلاميي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ترقي عوام جو بنيادي حق آهي. گڏيل قومن ۾ ان حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس 23 سيپٽمبر تي ٿيو، جيڪو جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي اهم سرگرمين مان هڪ آهي. شهباز شريف چيو ته هر فرد کي بهتر مستقبل جي تلاش ۽ ترقي جو حق حاصل آهي، جڏهن ته ترقي جو مقصد رڳو دولت پيدا ڪرڻ نه، پر سماجي ترقي، انساني وقار ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ پڻ آهي. وزيراعظم چيو ته ترقي پذير دنيا کي قرضن جي ادائيگي جي وڌندڙ بار کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن سبب حڪومتن جي مالي گنجائش محدود ٿي رهي آهي. موسمياتي آفتن کي پڻ ترقي پذير ملڪن جي مسئلن ۾ واڌ جو اهم سبب قرار ڏيندي هن چيو ته انهن چئلينجن ترقي جي رفتار کي متاثر ڪيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته عالمي چئلينجن باوجود اميد نه ڇڏي آهي ۽ امن لاءِ ڪوششون جاري آهن. ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ بابت سوال تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگبندي ۽ ڳالهين جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻيهر ملاقات جي امڪان بابت سوال تي شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي ڪوشش آهي ته ٻنهي ڌرين جي ٻيهر ملاقات ٿئي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ سفارتي ڪوششن ذريعي تڪرار جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو.ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ سفارتي رابطن بابت تازين رپورٽن موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ رابطن جو سلسلو جاري آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 22 سيپٽمبر تي چيو هو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن ۽ هو معاهدي تائين پهچڻ لاءِ پراميد آهي.رپورٽن موجب نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي آمريڪي ۽ ايراني وفدن وچ ۾ وچولين ذريعي ڊگهي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي آهي. آمريڪي خاص نمائندي اسٽيو وٽڪوف موجب ڳالهين جو هڪ دور مڪمل ٿيو ۽ وچولي ڌريون پنهنجون ڪوششون جاري رکنديون. ايران طرفان پڻ اشارو ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا فوجي دٻاءُ گهٽائي ۽ ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي ختم ڪري ته آبنائي هرمز ٻيهر کولڻ تي غور ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان گذريل ڪجهه مهينن دوران آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سفارتي رابطن ۽ جنگبندي لاءِ ڪوششن ۾ سرگرم رهيو آهي. نيويارڪ ۾ جاري سفارتي سرگرمين دوران پاڪستان ٻنهي ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي واپس آڻڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون آهن. گڏيل قومن جي ترجمان پڻ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ سڌي ڳالهه ٻولهه جي بحالي تڪرار ختم ڪرڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي. رپورٽن موجب پاڪستان، ترڪيا، سعودي عرب ۽ مصر جي نمائندن پڻ نيويارڪ ۾ علائقائي صورتحال بابت صلاح مشورا ڪيا، جتي ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي تڪرار جي پائيدار حل جو رستو قرار ڏيندي امن لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي زور ڏنو ويو. وزيراعظم شهباز شريف جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سفارتي رابطن جي بحالي لاءِ مختلف ملڪن جون ڪوششون جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو