ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياء الحسن لنجار جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ۾ امن ۽ امان بابت اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پوري صوبي ۾ امن ۽ امان جي گڏيل صورتحال، ڏوهارين خلاف پوليس ڪاررواين، اسٽريٽ ڪلچر/اسٽريٽ ڪرائم، ڦرلٽ ۽ چوري جي روڪٿام ۽ سيڪيورٽي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ گهرو وزير هدايت ڪئي ته شهري جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪاررواين ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي ۽ اسٽريٽ ڪرائم، ڦرلٽ ۽ چوريءَ جي روڪٿام لاءِ اثرائتي ۽ نتيجا خيز حڪمت عملي تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ضياء الحسن لنجار چيو ته اسٽريٽ ڪرمينلز، ڦرلٽ ۽ چوري ۾ ملوث عنصرن خلاف انٽيليجنس بيسڊ ۽ ٽارگيٽڊ ڪاررواين جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو وڃي. ڏوهن جي هاٽ اسپاٽس جي نشاندھي ڪري اتي اضافي نفري جي تعينات، اثرائتي پٽرولنگ، پڪٽنگ ۽ خاص نگراني جا انتظام ڪيا وڃن. سنڌ جي گهرو وزيرِ اهم شاهراهن، داخلي ۽ خارجي رستن، تجارتي مرڪزن، رهائشي علائقن ۽ حساس جڳهن تي پوليس گشت ۽ نگراني کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسٽريٽ ڪرائم، ڌاڙن ۽ رهزني جي روڪٿام لاءِ مختلف علائقن ۾ سنيپ چيڪنگ ۽ پڪٽنگ جو دائرو پڻ وڌايو وڃي. هن هدايت ڪئي ته ڏوهاري عنصرن جي چرپر، امڪاني فرار جي رستن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي نشاندھي لاءِ ريڪي ۽ انٽيليجنس نظام کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي، جڏهن ته ڦرلٽ ۽ چوريءَ ۾ ملوث گروھن سان گڏوگڏ انهن جي سهولتڪارن ۽ مددگار نيٽ ورڪ خلاف به اثرائتي ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي. ضياء الحسن لنجار چيو ته ڏوهن جي وارداتن تي وقت سر پوليس رسپانس ۽ شهرين جي شڪايتن تي ترت ڪارروائي هر صورت ۾ يقيني بڻائي وڃي. ڏوهن جي روڪٿام سان گڏ ڪيسن جي اثرائتي تحقيقات، ثبوتن جي بنياد تي ڪارروائي ۽ ملزمن کي قانون مطابق سزائون ڏيارڻ جي عمل کي به وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. سنڌ جي گهرو وزيرِ ضلعي کان ضلعي پوليس رابطن ۽ باهمي ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هن قدم جو مقصد اهڙن ڏوهاري عنصرن تي قانون جي گرفت يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته مشڪوڪ (شڪي) گاڏين، گهربل ملزمن ۽ ڏوهاري گروھن بابت معلومات ترت لاڳاپيل ضلعن تائين منتقل ڪئي وڃي، جڏهن ته بين الاضلاعي رابطا ڪاري جي نظام کي مضبوط بڻائي ڏوهاري عنصرن جي چرپر جي اثرائتي نگراني يقيني بڻائي وڃي. سنڌ جي گهرو وزير واضح ڪيو ته صوبي ۾ امن ۽ امان جي قيام ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ فيلڊ پوليسنگ، پٽرولنگ، نگراني ۽ انٽيليجنس نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته ڏوهن خلاف ڪاررواين کي وڌيڪ نتيجا خيز بڻائڻ لاءِ سمورن موجود وسيلن کي استعمال هيٺ آندو ويندو. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسٽريٽ ڪرائم، ڦرلٽ ۽ چورين خلاف ڪاررواين کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو پيو وڃي ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عملدرآمد جاري آهي. آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته پوليس آفيسر پنهنجي لاڳاپيل علائقن ۾ ڏوهن جي هاٽ اسپاٽس جي نشاندھي ڪري اثرائتي پيٽرولنگ ۽ ٽارگيٽڊ آپريشنز يقيني بڻائي رهيا آهن، جڏهن ته شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ فيلڊ پوليسنگ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ۾ ايڊيشنل آءِ جيز ڪراچي، سي ٽي ڊي، آءِ جي اسپيشل برانچ، آپريشنز، سميت ڊي آءِ جيز هيڊ ڪوارٽرز، ڪرائم برانچ ۽ انويسٽيگيشن، ڪراچي جي سمورن زونل ڊي آءِ جيز، ڊي آءِ جيز سي آءِ اي ڪراچي، اسپيشل برانچ، سي ٽي ڊي، اي آءِ جي آپريشنز سميت ٻيا لاڳاپيل پوليس آفيسر شامل هئا.










