رياض(ويب ڊيسڪ)وچ اوڀر ۾ جنگ جي پکڙجڻ دوران عراق مان موڪليل ڊرونز جي حملي کان پوءِ سعودي عرب هڪ اهم تيل پائيپ لائين بند ڪري ڇڏي آهي.
عراق چيو آهي ته هن حملي بعد هڪ فوجي ڪمانڊر کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. عراق اعتراف ڪيو آهي ته سندس پاڙيسري ملڪ جي اوڀر کان اولهه واري آئل پائيپ لائين تي ڊرون حملو ايران جي سرحد سان لڳندڙ عراق جي هڪ صوبي مان ڪيو ويو هو. سعودي عرب اڳ به عراق ۾ موجود ايران نواز هٿياربند مليشيا تي پنهنجي تيل جي تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جا الزام لڳائي چڪو آهي.
1,200 ڪلوميٽر (745 ميل) ڊگهي پائيپ لائين دنيا جي سڀ کان وڏي خام تيل برآمد ڪندڙ ملڪ سعودي عرب کي آبنائي هرمز کان بچندي تيل پهچائڻ ۾ مدد فراهم ڪندي آهي.
هي واقعو يمن ۾ ايران جي حمايت يافته حوثي باغين جي وڏي اڳڀرائي دوران پيش آيو آهي، جنهن سان عالمي تيل جي سامونڊي آمدرفت جي رستن تي وڌيڪ دٻاءُ وڌيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ ستين مهيني ۾ داخل ٿي چڪي آهي.
جمعي ڏينهن يمن جي سعودي عرب جي حمايت يافته حڪومتي فوجن چيو ته هنن اهم سامونڊي شهر موخا ۾ حوثي ويڙهاڪن کي نشانو بڻايو. اهو حملو هڪ ڏينهن پوءِ ڪيو ويو، جڏهن حوثين ڳاڙهي سمنڊ جي سڄي سامونڊي ڪناري تي قبضو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.
رياض جمعي ڏينهن چيو ته هن احتياطي قدم طور پائيپ لائين بند ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ سيٽلائيٽ تصويرن ۾ مديني جي ڏکڻ ۾ رياض لڳ پائيپ لائين تي حملي جي واقعي واري هنڌ ويجهو سڙيل زمين ۽ دونهون نظر آيو هو.
سعودي پرڏيهي وزارت چيو ته حملي جي نتيجي ۾ ڪجهه ماڻهو زخمي ٿيا ۽ نقصان پڻ ٿيو، جنهن جو جائزو ورتو پيو وڃي.
خبر ايجنسي رائٽرز جهازن جي نگراني ڪندڙ ڪمپنين ۽ تجزيه نگارن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته هن پائيپ لائين ذريعي عالمي تيل جي فراهمي جو 4 کان 5 (40 کان 50 لک بيرل)سيڪڙو منتقل ٿي رهيو هو.
سعودي پرڏيهي وزارت موجب، عراق جي وزيراعظم سان رابطي کان پوءِ سعودي عرب هن مرحلي تي جوابي ڪارروائي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سعودي عرب چيو آهي ته هو ”عراقي حڪومت جي ڪوششن جي حمايت“ ڪندو ته جيئن پاڙيسري ملڪن خلاف عراق مان ٿيندڙ ”حملن کي روڪي سگهجي“.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سعودي عرب پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ، پنهنجي تنصيبات جي حفاظت ۽ شهرين توڙي رهواسين جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.
عراقي وزيراعظم جي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو ته ميسان صوبي ۾ آپريشنز ڪمانڊر کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. ميسان ايران جي سرحد سان لڳندڙ صوبو آهي ۽ تصديق ٿي چڪي آهي ته ڊرون حملو انهيءَ علائقي مان ڪيو ويو هو.
سعودي عرب ان کان اڳ به عراق ۾ ايران نواز مليشيا خلاف آمريڪا سان گڏجي حملا ڪري چڪو آهي، جڏهن ته انهن گروهن تي عراقي سرزمين تان سعودي تيل جي تنصيبات ڏانهن ڊرون موڪلڻ جا الزام لڳايا ويا هئا.
خليجي تعاون ڪائونسل، جنهن ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، بحرين، عمان، قطر ۽ ڪويت جا نمائندا شامل آهن، پڻ حملي جي مذمت ڪئي آهي.
ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل جاسم محمد البديعوي چيو ته هي حملو ”خطرناڪ واڌ“ ۽ سعودي عرب جي سلامتي، علائقائي سالميت ۽ اهم تنصيبات لاءِ ناقابل قبول خطرو آهي، جڏهن ته اهو عالمي قانون جي اصولن جي پڻ کليل ڀڃڪڙي آهي.
يمن ۾ حوثين جي اڳڀرائي ۾ تيزي
ذريعن موجب، هن هفتي يمن ۾ حوثين جي تيز رفتار اڳڀرائي دوران گروهه ملڪ جي سامونڊي ڪناري جي وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو آهي.
حوثين چيو آهي ته باب المندب آبنائي تي سندن ڪنٽرول آهي. هي آبنائي ڳاڙهي سمنڊ ۽ سوئيز ڪئنال ڏانهن ويندڙ اهم سامونڊي رستو آهي. حوثين جو چوڻ آهي ته سامونڊي آمدرفت ”سڀني ڪمپنين لاءِ محفوظ“ آهي، سواءِ سعودي جهازن جي.
ان کان پوءِ يمني هٿياربند فوجن جوابي ڪارروائي ڪئي. جمعي ڏينهن فوجي ترجمان ماجد النزيلي چيو ته هنن موخا شهر ۽ ان جي چوڌاري حوثين جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، گاڏيون ۽ هٿيار تباهه ڪيا ۽ ڪيترن ئي حوثي ويڙهاڪن کي ماريو.
ڳاڙهي سمنڊ تي واقع هي اهم سامونڊي شهر باب المندب آبنائي کان لڳ ڀڳ 80 ڪلوميٽر (50 ميل) اتر ۾ آهي. حوثين خميس ڏينهن موخا تي قبضو ڪيو هو. حملي کان پوءِ ڪيترائي ماڻهو ڀڄي عدن شهر ڏانهن ويا، جتي يمن جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل صدارتي قيادت ڪائونسل ۽ حڪومت قائم آهي.
مقامي ذريعن اهو پڻ ٻڌايو آهي ته حڪومتي فوجن تعز صوبي ۾ حوثين جي ٺڪاڻن تي هوائي حملا ڪيا. تعز ڳاڙهي سمنڊ جي سامونڊي ڪناري سان واقع آهي، جڏهن ته اب صوبو تعز سان لڳ آهي.
تيل جون قيمتون 100 ڊالر کان مٿي
عرب جزيري جي ٻنهي پاسن تي پيدا ٿيندڙ انهي صورتحال عالمي تيل جي مارڪيٽ تي دٻاءُ وڌائي ڇڏيو آهي ۽ خام تيل جون قيمتون 100 ڊالر في بيرل کان مٿي ٿي ويون آهن. جولاءِ کان پوءِ اهو پهريون ڀيرو آهي جو تيل جي قيمت هن سطح کان مٿي پهتي آهي.
انرجي اسپيڪٽس جي ماهر رچرڊ برونز بي بي سي کي ٻڌايو ته تازي صورتحال خراب ٿيڻ کان اڳ ئي سعودي تيل کي سوئيز ڪئنال ذريعي بحيره روم تائين ۽ پوءِ آفريڪا جي چوڌاري منتقل ڪرڻ سبب سامونڊي سفر ۾ 30 ڏينهن جو اضافو ٿي رهيو هو ۽ آمدرفت جا خرچ پڻ وڌي رهيا هئا.
هن چيو ته تيل جي مارڪيٽ کي هينئر تائين بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڏيندڙ گهڻا حفاظتي ذخيرا ختم ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري جيڪڏهن ٻئي بحران جاري رهيا ته تيل جون قيمتون وڌيڪ وڌنديون.
هن موجب صورتحال خاص طور ڊيزل جي مارڪيٽ لاءِ انتهائي سنگين آهي، جتي قيمتون اڳ ئي رڪارڊ سطح تي پهچي چڪيون آهن. ان جي نتيجي ۾ مختلف شين جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڊيزل وڏي پيماني تي صنعت ۽ سامان جي آمدرفت ۾ استعمال ٿئي ٿو.
رچرڊ برونز وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن وچ اوڀر جي صورتحال بهتر نه ٿي ته خام تيل جون قيمتون ٻيهر 120 ڊالر في بيرل جي ان بلند ترين سطح تائين پهچي سگهن ٿيون، جيڪا ايران جنگ دوران اڳ ۾ ڏٺي وئي هئي، ۽ ان کان به وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي.
ٽرمپ کان مدد جي اپيل
هوڏانهن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا رابطو ڪري حوثين خلاف فوجي مدد طلب ڪئي آهي.
ذريعن موجب، آمريڪا في الحال سڌي فوجي ڪارروائي کان انڪار ڪيو آهي، پر سعودي عرب کي انٽيليجنس معلومات جي ڏي وٺ ۽ هدفن جي نشاندهي ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي آهي.
وائيٽ هائوس ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل رابطن تي سڌي طرح ڪو تبصرو نه ڪيو، جڏهن ته هڪ سينيئر آمريڪي عهديدار چيو آهي ته واشنگٽن سعودي عرب ۽ يمني حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهي.










