ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي ڪنٽرولنگ اٿارٽي سنڌ جي وڏي سيد مراد علي شاهه پاران ڊاڪٽر وسيم قاضي کي ايندڙ 4 سالن لاءِ ڪراچي يونيورسٽي جو وائس چانسلر مقرر ڪري ڇڏيو.وزيراعليٰ جي منظوري کان پوءِ سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ عباس بلوچ ڊاڪٽر وسيم قاضي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، هو گذريل ٻن سالن کان ڪراچي ميٽرو پوليٽن يونيورسٽي جي وائس چانسلر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته انهي کان اڳ نجي سيڪٽر جي جامعه اقرا يونيورسٽي جو وائس چانسلر به رهي چڪو آهي. ايڪٽ جي تحت انهي جي مقرري ايندڙ 4 سالن جي لاءِ ڪئي وئي آهي.واضح رهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي جي صبح ٽنهي نامزد اميدوار ڊاڪٽر وسيم قاضي، ڊاڪٽر معظم خان ۽ ڊاڪٽر شفيق الرحمان سان پاڻ ملاقات ڪئي هئي جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر وسيم قاضي جي نالي جي منظوري ڏني وئي.سنڌ ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق رفيع جي ڪنوينر شپ ۾ قائم تلاش ڪميٽي ڊاڪٽر وسيم قاضي کي 86، ڊاڪٽر معظم کي 74 ۽ ڊاڪٽر شفيق الرحمان کي 71 مارڪون ڏنيون هيون.ياد رهي ته ڪراچي يونيورسٽي جو اڳوڻو وائس چانسلر ڊاڪٽر خالد عراقي جو پهريون باقاعده چئن سالن جو مدو 28 جولاءِ 2026 تي پورو ٿي ويو هو. جنهن کان پوءِ اين اي ڊي يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر طفيل احمد کي وي سي ڪراچي يونيورسٽي جو اضافي چارج ڏنو ويو هو. ڊاڪٽر طفيل احمد هن وقت 20 ڏينهن جي پرڏيهي دوري تي ويل آهي.










