سانگهڙ)ويب ڊيسڪ) شهدادپور ۾ پسند جي شادي ڪندڙ نئين جوڙي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻنهي جا لاش نالي ڀرسان هٿ آيا آهن.پوليس موجب مقتولن جي سڃاڻپ نثار احمد لاشاري ۽ ذڪيه بليديءَ طور ڪئي وئي آهي. جوابدار ٻنهي کي قتل ڪرڻ بعد لاش نالي ڀرسان اڇلائي فرار ٿي ويا.پوليس ذريعن موجب جوڙي ٻه ڏينهن اڳ نوابشاهه ۾ عدالت ذريعي پسند جي شادي ڪئي هئي. شاديءَ کانپوءِ ٻنهي نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنهنجي جان جي تحفظ لاءِ اپيل پڻ ڪئي هئي.پريس ڪانفرنس دوران ذڪيه بليديءَ الزام لڳايو هو ته پسند جي شادي ڪرڻ تان سندس ڀاءُ، والد ۽ سوٽ سندس جان جا دشمن بڻجي ويا آهن. مقتولا لاڳاپيل اختيارين کان تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.پوليس موجب جوڙي کي مبينا طور غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو آهي. شهدادپور پوليس لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن.










