ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جو بحالي کاتي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي سان اڱاري واري ڏينهن 22 سيپٽمبر 2026 تي سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس 1122 جي ڊائريڪٽر آپريشنز ڊاڪٽر عابد جلال الدين شيخ سندس دفتر ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس 1122 جي مجموعي ڪارڪردگي، جاري آپريشنز، ايمرجنسي ريسپانس سسٽم ۽ مختلف انتظامي معاملن تي تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڊائريڪٽر آپريشنز ڊاڪٽر عابد جلال الدين شيخ سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار گيانچند ايسراڻي کي ريسڪيو 1122 جي هنگامي خدمتن، مرڪزي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول، فيلڊ آپريشنز ۽ عوام کي فراهم ڪيون ويندڙ سھولتن بابت بريفنگ ڏني. ايمرجنسي جي صورت ۾ وقت سر ريسپانس، ريسڪيو ۽ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ، طبي امداد، فائر فائٽنگ، واٽر ريسڪيو، اربن سرچ ۽ ريسڪيو سميت مختلف شعبن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ريسڪيو سروس جي آپريشنل صلاحيت، وسيلن جي بهتر استعمال، عملي جي تربيت ۽ مختلف ادارن سان رابطا ڪاري واري معاملن تي به غور ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي جو صلاحڪار گيانچند ايسراڻي ريسڪيو 1122 جي هنگامي خدمتن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ، عوام کي وقت تي امداد جي فراھمي ۽ آپريشنل ۽ انتظامي معاملن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ قدم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.










