اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ جي برآمدات وڌائڻ ۽ معاشي ترقي جي رفتار تيز ڪرڻ بابت جائزو اجلاس ٿيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته برآمدات ۾ واڌ کي ملڪي معاشي ترقي جو بنياد بڻايو وڃي، روايتي شعبن سان گڏ وڌيڪ شعبن کي به عالمي مارڪيٽن لاءِ برآمدات جي قابل بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته واپار کي متنوع بڻائڻ لاءِ وڌ کان وڌ شعبن ۽ صنعتن کي برآمدي سرگرمين ۾ شامل ڪيو وڃي، جڏهن ته پاڪستاني شين جو معيار عالمي معيار مطابق بڻائڻ ۽ معيار جي يقين ڏيارڻ واري نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي.وزيراعظم چيو ته برآمدات ۾ قدر وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستاني شين جي قدر ۽ مقابلي جي صلاحيت ۾ اضافو ٿئي. وزيراعظم برآمدي صنعتن لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ جدت کي هٿي ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ملڪي معيشت کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ڊجيٽلائيزيشن ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان ڀرپور فائدو ورتو وڃي. وزيراعظم چيو ته برآمد ڪندڙن کي درپيش انتظامي ۽ ڪاروباري رڪاوٽون ختم ڪري برآمدي عمل کي وڌيڪ آسان، تيز ۽ شفاف بڻايو وڃي. اجلاس ۾ برآمدات جي فروغ لاءِ منظور ٿيل حڪمت عملي واري روڊ ميپ تي عملدرآمد بابت اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته نين عالمي مارڪيٽن تائين رسائي، برآمدي شعبن ۾ تنوع، شين جي معيار ۾ بهتري ۽ ڪاروباري سهولتڪاري بابت مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستاني شين جي عالمي مارڪيٽ تائين رسائي وڌائڻ لاءِ ڪيترن ئي دوست ملڪن سان آزاد واپار ۽ رعايتي اگهن تي واپار جي معاهدن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستاني باغباني جي شين کي برآمدات ۾ شامل ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته سرجيڪل ۽ طبي اوزارن جي برآمدات وڌائڻ لاءِ عالمي اسپتالن جي ٽينڊرن ۽ خريداري جي عمل ۾ پاڪستاني برآمد ڪندڙن جي شموليت جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. عالمي ڪمپنين کي پاڪستاني شين کان متعارف ڪرائڻ لاءِ ٽيڪسپو، هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ منرلز شو، فوڊ اينڊ ايگريڪلچر ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل نمائشون ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منعقد ڪيون پيون وڃن.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته برآمدات ۾ جدت کي هٿي ڏيڻ لاءِ دانشورانه ملڪيت بابت قانونن کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ تي ڪم جاري آهي. بريفنگ موجب ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ فنڊ جي نئين سر جوڙجڪ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ڪاروباري برادري کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن رانا تنوير حسين، جام ڪمال خان، ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيمه، محمد اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيا.










