ڪراچي بندرگاهه کان يورپ لاءِ سڌي شپنگ سروس بحال

ڪراچي بندرگاهه کان يورپ لاءِ سڌي شپنگ سروس بحال

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزير بحري معاملن جنيد انوار چوڌري جون ڪوششون رنگ لائي ويون، ڪراچي بندرگاهه کان يورپ لاءِ سڌي هفتيوار شپنگ سروس بحال ٿي وئي، جنهن سان 7 يورپي بندرگاهن سان شپنگ رابطو ٻيهر بحال ٿي ويو آهي.وفاقي وزير بحري معاملن جنيد انوار چوڌري موجب ايم ايس سي پاران پريميئم آءِ پاڪ سروس ٻيهر شروع ڪئي وئي آهي، جنهن تحت ڪراچي گيٽ وي ٽرمينل کان يورپ لاءِ هفتيوار شپنگ رابطو بحال ٿيو آهي.سڌي شپنگ سروس جي بحالي سان برآمدي صنعت کي سهولت ملندي، جڏهن ته يورپ ڏانهن ٽيڪسٽائيل سميت ٻين برآمدي سامان جي ترسيل پڻ وڌيڪ بهتر ٿيندي.وفاقي وزير ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) جي چيئرمين ۽ ڪي جي ٽي ايل انتظاميا جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو