اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پسِ پرده رابطن حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) وچ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ ۽ قانون سازي بابت اختلافن کي ڪاميابيءَ سان حل ڪري ورتو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ٻنهي ڌرين وچ ۾ پيدا ٿيل تعطل کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.حڪومت قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي پي پي پي سان ڳالهين ۽ رابطن جو مڪمل اختيار ڏنو هو، ۽ هاڻي اها پارٽي قانون سازي جي عمل بابت لچڪ ڏيکارڻ تي راضي ٿي وئي آهي.










