اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت اڄ ڊيزل مهانگو ۽ پيٽرول سستو ڪري ڇڏيو.نوٽيفڪيشن موجب، ڊيزل جي قيمت ۾ 3.74 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 378.5 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف، پيٽرول جي قيمت ۾ 3.13 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، هن گهٽتائي سان، پيٽرول جي نئين قيمت 345.87 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.










