ڊي آءِ خان ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي مبينا ڌماڪو، 12 ڄڻا شهيد، ڪيترائي زخمي

ڊي آءِ خان ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي مبينا ڌماڪو، 12 ڄڻا شهيد، ڪيترائي زخمي

ڊي آئي خان (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڊي آءِ خان ۾ دراز نندا ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي هڪ مبينا خودڪش ڪار بم ڌماڪي ۾ 11 ماڻهو شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
شروعاتي رپورٽن موجب، بارود سان ڀريل هڪ گاڏي هڪ چيڪ پوائنٽ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو. واقعي جي شروعاتي طور تي ريسڪيو 1122 ۽ پوليس ذريعن تصديق ڪئي آهي. ذريعن موجب ڌماڪي ۾ ڪل 11 ماڻهو شهيد ٿيا، جن ۾ 6 پوليس آفيسر، 2 ڪسٽم آفيسر، 2 عورتون ۽ هڪ 2 سالن جو ٻار شامل آهي. پوليس ۽ ڪسٽم آفيسرن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمين کي طبي امداد کانپوءِ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه زخمين جي حالت نازڪ آهي، جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي، علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ اينڊ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو ويو. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته حملي ۾ اينٽي اسمگلنگ چيڪ پوسٽ کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته حملي جي ذميواري ۽ ان ۾ ملوث عنصرن جي حوالي سان حتمي تصديق اڃا تائين ظاهر نه ڪئي وئي آهي، ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو