حيدرآباد (ن س ) ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) هيلٿ سروسز سنڌ حيدرآباد شهريار ميمڻ پنهنجو عهدي ڇڏڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.شهريار ميمڻ موجب هن سيڪريٽري سروسز سنڌ کي عهدي تان رليو ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني آهي. سندس چوڻ آهي ته ذاتي نوعيت جي ريمارڪس سبب کيس ذهني اذيت ۽ جذباتي صدمو پهتو.هن چيو ته کيس هي عهدو ڪنهن ذاتي مهرباني بدران ميرٽ ۽ محنت جي بنياد تي مليو هو، تنهن ڪري عهدي جي ساک ۽ ذاتي وقار برقرار رکڻ لاءِ موجوده ذميواري جاري رکڻ مناسب نٿو سمجهي.شهريار ميمڻ درخواست جون ڪاپيون سيڪريٽري صحت سنڌ ۽ صحت واري وزير جي پرسنل سيڪريٽري کي پڻ موڪليون آهن.واضح رهي ته شهريار ميمڻ کي 21 سيپٽمبر تي ڊي جي هيلٿ سروسز سنڌ حيدرآباد مقرر ڪيو ويو هو.










