ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ جي صدارت هيٺ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي ترقياتي اسڪيمن جي اڳڀرائيءَ جو جائزو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پوري صوبي ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن، مڪمل ٿيڻ جي ويجهو اسڪيمن، PC-IV، مانيٽرنگ ۽ ايويليويشن ڪميٽي (MEC) پاران غيرتسلي بخش قرار ڏنل اسڪيمن ۽ ٻيهر نظرثاني هيٺ رٿائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چيف انجنيئر محمد سليم شيخ، ڊائريڪٽر پلاننگ سجاد ابڙو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سعيد ابڙو سميت تمام لاڳاپيل ايڪسينز ۽ ۽ عملدارن شرڪت ڪئي. سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ سست رفتاريءَ جو شڪار سمورين ترقياتي اسڪيمن جي رفتار تيز ڪري انهن کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ ۽ چيف انجنيئر کي غيرتسلي بخش اسڪيمن جي ترت فيلڊ وزٽس ۽ عملي صورتحال جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ مانيٽرنگ ۽ ايويليويشن ڪميٽي پاران غيرتسلي بخش قرار ڏنل اسڪيمن جو ٻيهر معائنو ڪري مسئلا ترت حل ڪرڻ ۽ ان حوالي سان لاڳاپيل ايڪس اي اينز، ڊائريڪٽر پلاننگ ۽ مانيٽرنگ اختيارين کي آن لائين خط جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سيڪريٽري ڪاليجز نديم ميمڻ سمورين مڪمل ٿيڻ جي ويجهو (LTBC) اسڪيمون مقرر وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پي سي فور (PC-IV) جي موجوده صورتحال هڪ هفتي اندر پيش ڪرڻ، جڏهن ته مرمت ۽ بحاليءَ جو ايندڙ پلان پڻ هڪ هفتي ۾ چيف انجنيئر ذريعي جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. سيڪريٽري نديم ميمڻ ٻيهر نظرثاني هيٺ اسڪيمن جي موجوده صورتحال پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کاتي کان جلد اپڊيٽ ڪرائڻ ۽ ايندڙ سال لاءِ ضروري اسڪيمن تي پلاننگ کاتي سان صلاح مشورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سيڪريٽري نديم ميمڻ پوري صوبي ۾ ڪيل ايڊوانس ادائگين بابت اسڪول سائيڊ ڪميٽيءَ جي رپورٽ 30 سيپٽمبر تائين طلب ڪري ورتي، جڏهن ته غيرقانوني ڪارروائي يا بي ضابطگي ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو اينٽي ڪرپشن ڏانهن موڪلڻ ۽ لاڳاپيل ذميوارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ واضح ڪيو ته ترقياتي رٿائن ۾ دير، غفلت ۽ سرڪاري وسيلن جي غيرموثر استعمال کي برداشت نه ڪيو ويندو. سرڪاري خزاني جي مفاد تي ڪنهن به صورت ۾ سمجھوتو نه ٿيندو ۽ ڪو به عملدار ريڊ لائن پار نه ڪري. هن سمورن عملدارن کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ، رٿائن جي باقاعدگي سان نگراني ڪرڻ ۽ ترقياتي اسڪيمن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي.










