واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته شايد هن ايراني اڳواڻن خلاف ضرورت کان وڌيڪ سخت رويو اختيار ڪيو، جنهن سبب هاڻي ڳالهين لاءِ ڪو به اڳواڻ باقي نه رهيو آهي. جارجيا ۾ چونڊ مهم جي جلسي کي خطاب ڪندي ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي ته ايران سان جنگ تمام جلد ختم ٿي ويندي. آمريڪي صدر ايران خلاف ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته آمريڪا دنيا جي سڀ کان وڏي ايٽمي طاقت آهي، پر ايران خلاف ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ جي ضرورت ناهي. تنهن هوندي به هن ٻين فوجي ڪاررواين جا امڪان رد نه ڪيا. نيوز ميڪس کي انٽرويو ڏيندي ٽرمپ چيو ته ايران خلاف ايٽمي هٿيار استعمال نه ڪيا ويندا. ايران تي حملي لاءِ انتهائي طاقتور غير ايٽمي بم، جنهن کي ’مدر آف آل بمز‘ چيو ويندو آهي، استعمال ڪرڻ بابت سوال تي ٽرمپ وضاحت ڪئي ته اهو ايٽمي بم نه، پر انتهائي وڏو روايتي بم آهي. رپورٽن موجب، هن بم ۾ لڳ ڀڳ 8.5 ٽن ڌماڪيدار مواد موجود هوندو آهي ۽ ان کي زمين کان ڪجهه اوچائيءَ تي ڦاٽڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن سان وڏي علائقي ۾ شديد تباهي اچي سگهي ٿي.










