جي بي  ۾ پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو

جي بي ۾ پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان ۾ پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي غيرمعمولي طور سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جا لاڳاپيل اين او سي رد ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن. انسپيڪٽر جنرل پوليس گلگت بلتستان ڊاڪٽر اڪبر ناصر خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ سندن تحفظ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا.اجلاس ۾ نان سي پيڪ منصوبن، ڪاروباري سرگرمين ۽ کاڻين وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي انتظام وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ان سان گڏ پرڏيهي شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي آڊٽ ۽ امڪاني خطرن جو جائزو وٺڻ (ٿريٽ اسيسمينٽ) لازمي قرار ڏيڻ تي زور ڏنو ويو. آءِ جي پوليس چيڪ پوسٽن تي نگراني وڌائڻ ۽ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) جي ضابطن تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڏنيون. اجلاس ۾ پرڏيهي شهرين جي اچ وڃ بابت اڳواٽ اطلاع ڏيڻ پڻ لازمي قرار ڏنو ويو. اختيارين کي هدايت ڪئي وئي ته سيڪيورٽي بابت سمورن قانوني گهرجن ۽ مقرر ڪيل شرطن تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي. ڀڃڪڙي جي صورت ۾ لاڳاپيل اين او سي رد ڪرڻ سميت ضروري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. آءِ جي گلگت بلتستان ڊاڪٽر اڪبر ناصر خان واضح ڪيو ته پرڏيهي شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ پوليس جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو