ايس سي او اجلاس،45 بلٽ پروف گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو

ايس سي او اجلاس،45 بلٽ پروف گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪونسل آف بيڊز آف اسٽيٽ اجلاس جي لاءِ 45 بلٽ پروف گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ڪابينه ڊويزن موجب ايس سي او سربراهي اجلاس آگسٽ يا سيپٽمبر 2027 ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن ۾ مختلف ملڪن جا سربراهه حڪومت ۽ عالمي تنظيمن جا اعليٰ سطحي وفد شرڪت ڪندا.ڪابينه ڊويزن جو چوڻ آهي ته ايس سي او سربراهي اجلاس جي لاءِ محفوظ ۽ قابل اعتماد سفري سهولتن جي فراهمي ۽ طئي ٿيل سيڪيورٽي پروٽوڪولز موجب وڌ کان وڌ تحفظ يقيني بنائڻ ضروري آهي.ڪابينه ڊويزن موجب هن وقت دستياب جديد ترين بلٽ پروف گاڏيون 2016 ماڊلز جيان آهن جيڪي ايس سي او اجلاس جي لاءِ گهربل معيار تي پورو نٿيون لهن.انهي لاءِ حڪومت مختلف فورمز تي غور کان پوءِ 45 بلٽ پروف گاڏين جي تعداد کي گهٽ کان گهٽ ضرورت موجب مقرر ڪيو آهي جڏهن ته تقريبن 300 ٻيون غير بلٽ پروف گاڏيون ڪرائي تي حاصل ڪيون وينديون.ڪابينه ڊويزن موجب ايس سي او سربراهي اجلاس پاڪستان جي لاءِ اهم عالمي اجتماع آهي جنهن کي منعقد ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي ۽ لاجسٽڪس جي اعليٰ معيار کي يقيني بنائڻ ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو