قطر کان ايل اين جي جا 3 ڪارگو وٺڻ جو فيصلو

قطر کان ايل اين جي جا 3 ڪارگو وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آبنائي هرمز وسيلي توانائي جي فراهمي بابت وڌندڙ غير يقيني صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومت آڪٽوبر دوران قطر کان ايل اين جي جا 3 ڪارگو حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومت ايل اين جي کڻندڙ جهازن جي محفوظ گذرگاهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايراني اختيارين سان رابطو ڪرڻ جي تياري پڻ ڪري رهي آهي. اها اڳڀرائي اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن قطر انرجي پاڪستان کي ايل اين جي جي فراهمي بابت فورس ميجر جي مدي ۾ 4 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته اختيارين کي خدشو آهي ته فراهمي ۾ اهو تعطل سياري جي موسم دوران به برقرار رهي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو