ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه سرڪاري ملازمن کي ريٽائرمنٽ کانپوءِ پينشن ۽ ٻين مالي واجبات جي ادائگي ۾ دير جو سخت نوٽيس وٺندي سمورن صوبائي کاتن کي ٽن مهينن اندر بقايا پينشن بل نمٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته پهرين جنوري کان ريٽائر ٿيندڙ هر سرڪاري ملازم کي سندس پينشن ۽ بنيادي مالي واجبات ملازمت جي آخري ڏينهن ئي ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پينشن ۽ سرڪاري ملازمن جي ميڊيڪل خرچن جي واپسي واري نظام کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ، ناڻي کاتي وارو سيڪريٽري، سيڪريٽري سروسز، سيڪريٽري صحت، سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ سيڪريٽري امپليمينٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس دوران چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ ۽ ناڻي کاتي واري سيڪريٽري کي هدايت ڪندي چيو ته سرڪاري ملازمن کي ريٽائرمنٽ واري ڏينهن ئي سندن پينشن ۽ ٻيا اهم مالي واجبات ادا ڪرڻ يقيني بڻايا وڃن. ٻنهي عملدارن پاران ان جي تصديق کانپوءِ چيف سيڪريٽري واضح هدايتون جاري ڪيون ته تمام انتظامي کاتا ايندڙ ٽن مهينن دوران التوا ۾ پيل پينشن ڪيسن ۽ بلن کي مڪمل طور نمٽائين.چيف سيڪريٽري سنڌ هدايت ڪئي ته پهرين جنوري کان اهڙو نظام لاڳو ڪيو وڃي جنهن تحت ريٽائر ٿيندڙ سرڪاري ملازم کي سندس ملازمت جي آخري ڏينهن ئي پينشن ۽ بنيادي مالي واجبات جي ادائگي يقيني بڻائي سگهجي.هن فيصلي تي اثرائتي عمل ڪرائڻ لاءِ سيڪريٽري سروسز جي سربراهي ۾ بين المحڪماتي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ، ناڻو کاتو, صحت، جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا نمائندا شامل هوندا. ٽاسڪ فورس موجوده طريقيڪار جو جائزو وٺي مضبوط عملي نظام جوڙيندي ۽ ضرورت پوڻ تي قاعدن ۾ ترميمون به تجويز ڪندي.حتمي فريم ورڪ هڪ هفتي اندر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ سرڪاري ملازمن ۽ سندن گھر جي ميڊيڪل خرچن جي واپسي واري ڪيسن ۾ غيرضروري دير جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو. عملدارن ٻڌايو ته اڻپورن دستاويزن، ميڊيڪل بورڊن کان اي-ويريفڪيشن ۾ دير ۽ سرڪاري اسپتالن مان نان اويليبلٽي سرٽيفڪيٽ (NAC) حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن جي ڪري ميڊيڪل ڪليمز جي ادائگي ۾ دير ٿيندي آهي.چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته ميڊيڪل ڪليمز ۾ دير جو بنيادي سبب پاليسي يا فنڊن جي کوٽ بدران انتظامي ۽ طريقيڪار واريون رڪاوٽون آهن، جن کي دور ڪرڻ ضروري آهي. هن سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن کي هدايت ڪئي ته اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ، ناڻو کاتو، سروسز ۽ ٻين وڏن کاتن سان ملي ڪري ميڊيڪل ري ايمبرسمينٽ جي پوري نظام جو جائزو ورتو وڃي.غيرضروري ڪاغذي ڪارروائي ختم ڪرڻ، مختلف مرحلن ۾ موجود رڪاوٽون دور ڪرڻ ۽ ڪليمز جي منظوري واري طريقيڪار کي وڌيڪ آسان ۽ تيز بڻايو وڃي. چيف سيڪريٽري هدايت ڪئي ته اهڙو سادو ۽ اثرائتو نظام جوڙيو وڃي جنهن تحت سرڪاري ملازمن ۽ سندن گهروارن کي ميڊيڪل خرچن جي واپسيءَ لاءِ غيرضروري دفتري ڪارروائي ۽ ڊگهي انتظار جو منهن نه ڏسڻو پوي.










