اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدرِ مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ايوانِ صدر ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ خيبرپختونخوا جي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.اعلاميي موجب صدر زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي سلامتي واري صورتحال جو جائزو ورتو ۽ دهشتگردي خلاف قومي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن وچ ۾ اثرائتي سهڪار جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو.ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال بابت ڳالهين جو عمل اڳتي وڌائڻ لاءِ وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي تي ٻڌل گڏيل وفد طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت سان ملاقات ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.اعلاميي موجب وفاقي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جو گڏيل وفد سڀاڻي پي ٽي آءِ قيادت سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران موجوده سياسي صورتحال ۽ ڳالهين جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.گڏيل وفد ۾ وفاقي حڪومت طرفان محسن نقوي، رانا ثناءُالله ۽ امير مقام، جڏهن ته پيپلز پارٽي طرفان شيري رحمان، سيد نويد قمر ۽ اعجاز جکراڻي شامل هوندا.










