پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز

پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حماد اظهر جي گرفتاري کان پوءِ مختلف ڪيسز ۾ گهربل پي ٽي آئي اڳواڻن جا اڳ کان جاري ڪيل وارنٽس تي عمل تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب نومبر 2024 جي ڊي چوڪ احتجاج سميت مختلف هنڌن تي عدالتي وارنٽس کي منهن ڏيندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتارين جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جنيد اڪبر ۽ عبدالغني جي خلاف ڊي چوڪ احتجاج بابت ڪيسز ۾ اڳ کان جاري وارنٽس تي عملدرآمد ڪيو ويندو. جڏهن ته شبلي فراز، مراد سعيد ۽ حماد اظهر جي خلاف جوڊيشل ڪمپليڪس ڪيسز ۾ جاري عدالتي وارنٽس به عمل هيٺ آندا ويندا.زرتاج گل، عامر مسعود مغل، ڊاڪٽر امجد علي ۽ مينا خان آفريدي به مختلف اسلام آباد ڪيسز ۾ گهربل اڳواڻن ۾ شامل آهن. ذريعن موجب علي امين گنڊاپور ۽ عمر تنوير بٽ جي خلاف فيض آباد حتجاج ڪيسز ۾ جاري قانوني ڪارروائي به اڳيان وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب پي ٽي آئي اڳواڻن جون امڪاني گرفتاريون اڳ کان داخل ايف آئي آرز ۽ ماضي ۾ جاري عدالتي وارنٽس جي بنياد تي هوندي. اسلام آباد پوليس کي مختلف ٿاڻن ۾ داخل ڪيسز ۾ گهربل پي ٽي آئي اڳواڻن جي عدالتي وارنٽس تي قانون موجب عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

سهيل آفريدي، شفيع جان، مينا خان ۽ شاهد خٽڪ جا گرفتاري وارنٽ جاري،عدالت پاران جوابدارن کي پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد جي دهشتگردي جي روڪٿام واري عدالت خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي، مينا خان آفريدي، شاهد خٽڪ ۽ شفيع جان جي گرفتاري جا ناقابلِ ضمانت وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.اسلام آباد جي دهشتگردي جي روڪٿام واري عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف (PTI) سان تعلق رکندڙ اٺن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن (MNAs ۽ MPAs) جا ناقابلِ ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.دهشتگردي جي روڪٿام واري عدالت جي جج طاهر عباس سپرا مارگلا ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس نمبر 714 جي سلسلي ۾ اهي وارنٽ جاري ڪيا.اهي وارنٽ قومي اسيمبلي ميمبرن شاهد خٽڪ، مولانا نسيم علي شاهه، عامر ڊوگر، عاطف خان ۽ اقبال آفريدي، توڙي صوبائي اسيمبلي ميمبرن مينا خان آفريدي، ڊاڪٽر امجد ۽ شفيع جان لاءِ جاري ڪيا ويا.عدالت رمنا ٿاڻي جي اسٽيشن هائوس آفيسر (SHO) کي حڪم ڏنو ته هو چئن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو