سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سهولتن کي وڌائڻ جو فيصلو

سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سهولتن کي وڌائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ صوبي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ سهولتن کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.سينئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پيپلز بس سروس، ڊبل ڊيڪر بسون، اي وي ٽيڪسي سروس، پنڪ اسڪوٽيز، بي آر ٽي منصوبن جي توسيع تي بحث ڪيو ويو. بريفنگ ۾ چيو ويو ته قمبر شهدادڪوٽ-لاڙڪاڻو روٽ تي جلد ئي پيپلز بس سروس شروع ڪئي پئي وڃي.بريفنگ ۾ چيو ويو ته ڊبل ڊيڪر بسن جي آمد ۽ آپريشنل معاملن کي آخري شڪل ڏني پئي وڃي، اي وي ٽيڪسي سروس جي آپريشنل ماڊل ۽ سروس شروع ڪرڻ لاءِ قدمن تي تفصيلي بحث ڪيو پيو وڃي.شرجيل ميمڻ هدايت ڪئي ته نون روٽس تي بس سروس شروع ڪرڻ لاءِ سمورا انتظام وقت تي مڪمل ڪيا وڃن. پيپلز بس سروس جي دائري کي وڌائڻ جو مقصد بهتر ٽرانسپورٽ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 5 سيپٽمبر تي ميرپورخاص ۾ گلابي اسڪوٽيون ورهايون وينديون، بي آر ٽي منصوبن تي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، ۽ لاڳاپيل ادارا دير کان بچڻ لاءِ ويجهي هم آهنگي سان ڪم ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو