پيٽروليم ليوي ختم ٿيڻ تائين ڌرڻا جاري رهندا

پيٽروليم ليوي ختم ٿيڻ تائين ڌرڻا جاري رهندا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): پيٽروليم شين جي اگهن ۽ پيٽروليم ليوي خلاف جماعت اسلامي جو احتجاج جاري آهي، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيٽروليم ليوي ختم ٿيڻ تائين ڌرڻا ختم نه ڪيا ويندا، جڏهن ته 20 سيپٽمبر تي اسلام آباد مارچ ڪيو ويندو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسلام آباد ۾ ڪنٽينر لڳائي جماعت اسلامي جو مارچ روڪي نٿو سگهجي، جماعت اسلامي وٽ احتجاج لاءِ پلان ’اي‘، ’بي‘ ۽ ’سي‘ موجود آهن.هن حڪومت کي خبردار ڪندي چيو ته بهتر آهي ته حالتون خراب نه ڪيون وڃن ۽ اسلام آباد ۾ عوام جي معمول جون سرگرميون پرامن طريقي سان هلڻ ڏنيون وڃن.حافظ نعيم الرحمان ٻڌايو ته حڪومت سان اڄ شام 6 وڳي ڳالهين جو هڪ ٻيو دور ٿيندو. هن چيو ته حڪومت جو موقف آهي ته جيڪڏهن پيٽروليم ليوي گهٽ ڪئي وڃي ته سرڪاري آمدني ۾ گهٽتائي ڪيئن پوري ٿيندي، جڏهن ته جماعت اسلامي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ مڪمل فارمولو حڪومت کي پيش ڪري چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته جماعت اسلامي جي تجويزن جي جواب ۾ حڪومت طرفان رڳو پريزنٽيشن پيش ڪئي پئي وڃي. حافظ نعيم چيو ته هن پنهنجي ڳالهين واري ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن حڪومت معاملي کي اهڙي ئي طريقي سان ٽاريندي رهي ته ڳالهين جو عمل ختم ڪيو وڃي.جماعت اسلامي جي امير اعلان ڪيو ته 20 سيپٽمبر تي اسلام آباد مارچ ڪيو ويندو ۽ هاڻي فيصلا روڊن تي ٿيندا.هن واضح ڪيو ته پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ جي مطالبي تي عمل ٿيڻ تائين ڌرڻا ختم نه ڪيا ويندا. حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڊيزل جون قيمتون تمام گهڻيون وڌي ويون آهن، پر عوام لاءِ ڀاڙن ۾ ڪا نمايان گهٽتائي نظر نٿي اچي. هن سوال ڪيو ته ريلوي ۾ عوام کي ڪهڙو رليف ڏنو ويو آهي ۽ لاڪ ڊائون ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. هن پنجاب ۾ سرڪاري جهاز جي مبينا ذاتي استعمال بابت پڻ سوال اٿاريندي چيو ته ان جو آڊٽ ٿيڻ گهرجي ۽ اهو به معلوم ڪيو وڃي ته جهاز ڪيئن ۽ ڇو خريد ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو