لانگ مارچ: تعليمي ادارا 22 سيپٽمبر کان بند ڪرڻ جو فيصلو

لانگ مارچ: تعليمي ادارا 22 سيپٽمبر کان بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ لانگ مارچ جي معاملي تي شهر جا سرڪاري تعليمي ادارا 22 سيپٽمبر کان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب اسلام آباد جا 24 سرڪاري تعليمي ادارا 22 سيپٽمبر کان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته وفاقي راڄڌاني ۾ اضافي پوليس نفري جي لاءِ رهائش جو انتظام سرڪاري اسڪولن ۾ ڪيو پيو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بند اسڪولن ۾ تعليمي سرگرميون في الحال معطل رهنديون. آن لائن تعليم يا متبادل ذريعن بابت وفاقي تعليم واري وزارت طرفان ڪابه پاليسي ناهي ٺاهي وئي.ياد رهي ته جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف اسلام آباد طرف لانگ مارچ جو اعلان ڪري رکيو آهي جنهن سبب راڄڌاني جي مختلف روڊن تي ڪنٽينر رکي روڊن کي بند ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو