اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي وڌندڙ قيمتن سبب پيٽروليم اسمارڪ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب وفاقي حڪومت پيٽروليم اسمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسمارٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان حتمي فيصلو اڄ شام ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن ٻڌايو ته لاڪ ڊائون جي تحت سرڪاري ۽ نجي آفيسن ۾ 4 ڏينهن ڪم ڪرڻ جي تجويز آهي، جمعو، ڇنڇر ۽ آچر تي موڪل ۽ چرپر گهٽ ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، سرڪاري ملازمن جي روٽيشن ۾ ڪم ڪرڻ جو فارمولو به غور هيٺ آهي. ذريعن موجب بازارن جي 3 ڏينهن بندش ۽ انهي جو ٽائيم گهٽ ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.اختيارين سمورن لاڳاپل کاتن کي نئين شيڊول جي تياري ۽ ضابطه ڪار کي ظاهر ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. نئين نظام ۾ ڪجهه عملي کي آفيس حاضري جڏهن ته ڪجهه کي گهر ۾ ڪم ڪرڻ جي سهولت ڏني ويندي. انهي حوالي سان سرڪاري نوٽيفڪيشن کان پوءِ حاضري جو حتمي طريقيڪار ظاهر ٿي ويندو جنهن جو مقصد پيٽروليم کوٽ جا اثر محدود ڪرڻ آهي.واضح رهي ته انهي سلسلي ۾ اڃان تائين سرڪاري سطح تي فيصلي جي توثيق ناهي ڪئي وئي ۽ نه ئي ڪو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي پر نجي ميڊيا جي ذريعن جي حوالي سان رپورٽن ۾ حڪومتي اجلاس ۽ اهم فيصلي جا تفصيل ٻڌايا ويا آهن.










