حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڳالهيون ڪنهن بغير نتيجي ختم

حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڳالهيون ڪنهن بغير نتيجي ختم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ جاري ڳالهيون بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين واري ڪميٽي جا ميمبر اسپيڪر چيمبر مان نڪري ويا.
علامه راجا ناصر عباس ڳالهائيندي چيو ته ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، ننڍيون ننڍيون ڳالهيون هيون پر ڪو به نتيجو نه نڪري سگهيو.
علامه راجا ناصر عباس چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات جو معاملو حل نه ٿي سگهيو، خان جي ذاتي معالج تائين رسائي جي معاملي تي ڊيڊ لاڪ آهي، اسان ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڊيڊ لاڪ برقرار آهي.
علامه ناصر عباس اهو به چيو ته کيس دهشتگردي بابت نيشنل ايڪشن پلان تي تحفظات آهن، ۽ انهن علائقن ۾ آپريشن تي به تحفظات آهن جتي آءِ ڊي پيز موجود آهن.
علامه ناصر عباس چيو ته ڳالهين کان پوءِ حڪومتي وفد چيو ته هن وقت اسان عمران خان سان ملڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيون، هن چيو ته ڀينرن ۽ وڪيلن جي ملاقات شروع ٿيندي.
بئريسٽر سلمان اڪرم راجا چيو ته بنيادي معاملن تي ڪو به اتفاق راءِ ناهي. اسان سوچيو ته اسان اهڙي شيءِ تي اڳتي وڌي سگهون ٿا جنهن تي ٻنهي ڌرين ۾ اتفاق راءِ هجي. سلمان اڪرم راجا
ٻئي طرف رانا ثناءُ الله چيو ته صوبائي حڪومت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، صوبائي حڪومت کي دهشتگردي جي حوالي سان پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي، پر صوبائي حڪومت کي دهشتگردي خلاف پنهنجي ڪردار جي يقين ڏيارڻ کان انڪار ڪيو.
هن چيو ته لانگ مارچ کي اسلام آباد جي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ڪنهن به قسم جي انتشار کي قانون جي زور تي روڪيو ويندو، ۽ في الحال ڳالهين لاءِ ڪو به وقت مقرر نه ڪيو ويو آهي.
حڪومت جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر شيري رحمان چيو ته اسان انهن جا خدشا ٻڌا آهن، مسودي کي چار ڀيرا تبديل ڪيو ويو، دهشتگردي تي ڪو به سمجهوتو نٿو ٿي سگهي، انهن لانگ مارچ ۽ ٻين شين تي متفق ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو