ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ) ڊيٽا سينٽرن جي اڏاوت جي ڊوڙ اسان جي دور جي بنيادي ڍانچي بابت اهم ترين ڪهاڻين مان هڪ بڻجي چڪي آهي. مصنوعي ذهانت (اي آءِ) عالمي معيشت جي تيزيءَ سان ڊجيٽل ٿيڻ سبب دنيا جي مختلف حصن ۾ نون ڊيٽا سينٽرن جي اڏاوت لاءِ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي. ايون (Aon) جي انگن اکرن موجب، 2030ع تائين عالمي سطح تي ڊجيٽل بنيادي ڍانچي جي سموري سلسلي ۾ لڳ ڀڳ 7.3 ٽريلين ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيڻ جو امڪان آهي.
هن وقت بحث جو وڏو حصو ان ڳالهه تي آهي ته ڊيٽا سينٽرن جي نئين گنجائش ڪيتري تيزيءَ سان فعال ڪري سگهجي ٿي. ڊي سي بائيٽ (DC Byte) جي انگن اکرن موجب، رڳو آمريڪا ۾ هن وقت 37 گيگاواٽ گنجائش وارا ڊيٽا سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن، جن جي بنيادي ڍانچي جي ماليت 500 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي. تنهن هوندي به، موجوده گنجائش مستقبل ۾ ٿيندڙ واڌ جي ڀيٽ ۾ تمام ٿوري آهي.
آمريڪا ۾ 250 گيگاواٽ کان وڌيڪ گنجائش وارا ڊيٽا سينٽر اڳ ئي اڏاوت ۽ ترقيءَ جي مختلف مرحلن ۾ آهن، جيڪا هن وقت ڪم ڪندڙ ڊيٽا سينٽرن جي گنجائش کان لڳ ڀڳ ست ڀيرا وڌيڪ آهي.
جديد زندگيءَ ۾ ڊجيٽل بنيادي ڍانچي جو ڪردار
ڊيٽا سينٽرن جي گنجائش ۾ ايتري وڏي واڌ مان ظاهر ٿئي ٿو ته جديد زندگيءَ ۾ ڊجيٽل بنيادي ڍانچي جو ڪردار ڏينهون ڏينهن اهم ٿيندو پيو وڃي. اهو معاشي سرگرمين، ڊجيٽل خدمتن ۽ مصنوعي ذهانت جي مسلسل واڌ لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو.
جيئن جيئن هن بنيادي ڍانچي تي ڀاڙڻ وڌي رهيو آهي، تيئن تيئن ان ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ يا خرابيءَ جا نتيجا به وڌيڪ سنگين ٿيندا پيا وڃن. ان ڪري بنيادي سوال اهو آهي ته ڇا اسان اهڙا ڊيٽا سينٽر ٺاهي رهيا آهيون، جيڪي ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران پيش ايندڙ حالتن کي برداشت ڪري سگهن؟
ايتري وڏي پيماني تي اڏاوت لاءِ پائيداري ۽ خطرن کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت هر بحث جو مرڪزي حصو هجڻ گهرجي. ڌيان رڳو بجليءَ جي دستيابي، زمين ۽ تعميراتي اجازتن تائين محدود نه رهڻ گهرجي، پر ان ۾ موسمياتي خطرا، پاڻيءَ جي دستيابي، توانائيءَ جي گهرج، ٿڌڪار جي وڌندڙ ضرورت، انشورنس حاصل ڪرڻ جي سهولت ۽ مقامي برادرين جي قبوليت کي به ڊگهي مدي واري ڪاميابيءَ جا اهم عنصر سمجهڻ گهرجي.
هن حوالي سان پائيداريءَ جا ٽي بنيادي ٿنڀ آهن: ڊيٽا سينٽر ڪٿي ٺاهيو وڃي، ڪيئن ٺاهيو وڃي ۽ ڪهڙن ماڻهن ۽ ادارن سان گڏجي ٺاهيو وڃي.
هنڌ جي چونڊ ۾ موسمياتي خطرن کي اهميت
جڏهن ادارا نئون ڊيٽا سينٽر ٺاهڻ لاءِ هنڌ چونڊين ٿا ته بجليءَ جي دستيابي، رابطن جي سهولت، تعميراتي اجازتن ۽ معاشي مراعتن سان گڏ موسمياتي خطرن کي به اهميت ڏني پئي وڃي.
ايون جي اندازي موجب، آمريڪا ۾ هن وقت ڪم ڪندڙ ڊيٽا سينٽرن جي ڪل گنجائش مان 17 سيڪڙو اهڙن علائقن ۾ آهي، جتي قدرتي آفتن جا وڏا خطرا موجود آهن.
انهن خطرن ۾ ڪيليفورنيا ۾ زلزلا، آمريڪا جي اولهه واري سامونڊي پٽيءَ تي جهنگن ۾ لڳندڙ باهيون، ملڪ جي ڏکڻ اوڀر وارن علائقن ۾ سامونڊي طوفان ۽ وڏن درياهن جي ڀرسان اهڙا اهم هنڌ شامل آهن، جتي باقاعدگيءَ سان ٻوڏون اچن ٿيون.
ڪجهه حالتن ۾ ڊيٽا سينٽرن جي اڏاوت لاءِ سڀ کان وڌيڪ فائديمند سمجهيا ويندڙ علائقا ئي موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن جي وڏن خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ٽيڪساس ان جو هڪ اهم مثال آهي.
جي ايل ايل (JLL) جي انگن اکرن موجب، آمريڪا جي ڪل ڊيٽا سينٽر گنجائش جو لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو ٽيڪساس ۾ آهي، پر قدرتي آفتن جي وڏي خطري هيٺ ايندڙ ڊيٽا سينٽرن جي گنجائش مان لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو به انهيءَ رياست ۾ موجود آهي.
انهن خطرن جو مطلب اهو ناهي ته اهڙن علائقن ۾ ڊيٽا سينٽر ٺاهڻ کان پاسو ڪيو وڃي، پر ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته تعمير ڪندڙ ادارا سمجهن ته موسمياتي خطرا مستقبل ۾ انهن منصوبن جي ڪارڪردگيءَ ۽ افاديت تي ڪهڙو اثر وجهي سگهن ٿا.
موسمياتي انگن اکرن جي تجزيي ۽ قدرتي آفتن جي امڪانن بابت ماڊلنگ ذريعي ادارا اهو ڄاڻي سگهن ٿا ته ڪنهن هنڌ جا خطرا وقت سان ڪيئن تبديل ٿي سگهن ٿا. ان سان مختلف هنڌن جو مقابلو ڪرڻ، ڪمزورين جي نشاندهي ڪرڻ ۽ اڏاوت شروع ٿيڻ کان اڳ وڌيڪ ڄاڻ جي بنياد تي سيڙپڪاريءَ جا فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.
اهڙن جائزن جو اثر تعميراتي رٿابندي ۽ سيڙپڪاريءَ جي فيصلن تي پوي ٿو، جڏهن ته ڊگهي مدي ۾ انشورنس ۽ مالي سهولتون حاصل ڪرڻ جي امڪانن تي به اثرانداز ٿئي ٿو.
سڀ کان وڌيڪ پائيدار منصوبا اهي هوندا، جن ۾ هنڌ جي چونڊ وقت ئي موسمياتي خطرن کي بنيادي عنصر طور شامل ڪيو وڃي، نه ڪي هنڌ چونڊڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ مسئلو سمجهي انهن تي ڌيان ڏنو وڃي.
ڊيٽا سينٽر جي اڏاوت کان اڳ ئي پائيداريءَ جي رٿابندي ضروري
ڊيٽا سينٽر لاءِ مناسب هنڌ چونڊڻ رڳو هڪ حصو آهي. ان جي ڊگهي مدي واري ڪارڪردگيءَ بابت ڪيترائي اهم فيصلا اڏاوت شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ڪيا ويندا آهن.
ڊيٽا سينٽر جي ڪيمپس جي ترتيب، مشينن ۽ ٻين اوزارن جي جاءِ ۽ ٿڌڪار جي نظام جي جوڙجڪ، اهي سڀ عنصر طئي ڪن ٿا ته مستقبل جي حالتن ۾ اهو مرڪز ڪيتري بهتر نموني ڪم ڪندو.
اهي فيصلا ان ڪري وڌيڪ اهم ٿي ويا آهن، جو تعمير ڪندڙ ادارا اهڙي دنيا لاءِ رٿابندي ڪري رهيا آهن، جتي آبهوا تقريبن ايتري ئي تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي، جيتري تيزيءَ سان ڊجيٽل بنيادي ڍانچو وڌي رهيو آهي.
وڌندڙ گرمي هڪ وڏو خطرو
گرميءَ جي اثرن کي گهٽائڻ ان جو هڪ اهم مثال آهي. جيتوڻيڪ خطرن بابت بحث ۾ وڏي پيماني تي ايندڙ آفتن کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي، پر ڊيٽا سينٽرن کي درپيش ڪيترائي مسلسل مسئلا آهستي آهستي وڌندا آهن.
گرمي پد وڌڻ سان ٿڌڪار تي خرچ وڌي سگهي ٿو، بنيادي ڍانچي تي دٻاءُ پئجي سگهي ٿو ۽ انتهائي گرم حالتن ۾ اهم نظامن کي وڌيڪ گرم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڊيٽا سينٽرن جي انتظاميا کي ڪمپيوٽنگ جو بار گهٽائڻو به پئجي سگهي ٿو.
فرسٽ اسٽريٽ (First Street) جي تحقيق موجب، لڳ ڀڳ 54 سيڪڙو ڊيٽا سينٽر اهڙن علائقن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جتي ڊگهي عرصي تائين گرمي يا ڏڪار جا خطرا موجود آهن. جڏهن ته 79 سيڪڙو ڊيٽا سينٽر ٻوڏ، تيز هوائن يا جهنگن ۾ باهه جهڙن اوچتو پيش ايندڙ سنگين خطرن جي زد ۾ آهن.
هن صورتحال جو وڌيڪ تفصيلي جائزو وٺڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته گرميءَ جو خطرو اڪثر اڪيلو نه هوندو آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ سان گڏ پاڻيءَ جي وسيلن تي دٻاءُ به وڌي رهيو آهي، جڏهن ته ڊيٽا سينٽرن کي ٿڌو رکڻ لاءِ پاڻي ۽ توانائيءَ جي ضرورت پڻ وڌي رهي آهي.
چئلينج رڳو ڊيٽا سينٽرن کي هلندڙ رکڻ تائين محدود ناهي، پر اصل مقصد اهو به آهي ته اهي مرڪز پنهنجي ڪارڪردگي برقرار رکن ۽ ساڳئي وقت مقامي وسيلن تي دٻاءُ گهٽ وجهن، جيڪي اڳ ئي کوٽ جو شڪار آهن.
ڪيترن ڏهاڪن کان خطرن کي منهن ڏيڻ جي رٿابنديءَ جو وڏو حصو وڏي آفت اچڻ کانپوءِ بحاليءَ تي مرڪوز رهيو آهي. اهو اڃا به ضروري آهي، پر هاڻي اڳواڻن کي اهڙين آهستي آهستي ٿيندڙ تبديلين لاءِ به تيار رهڻو پوندو، جيڪي هر سال ڊيٽا سينٽرن جي ڪارڪردگيءَ کي متاثر ڪري سگهن ٿيون.
مستقبل ۾ اهي ئي ڊيٽا سينٽر وڌيڪ عرصي تائين ڪاميابيءَ سان ڪم ڪري سگهندا، جيڪي وڌندڙ گرميءَ واري دنيا جي حقيقتن کي نظر ۾ رکي ٺاهيا ويندا.
پائيداريءَ لاءِ مقامي برادرين جو اعتماد ضروري
مقامي ماڻهن جي قبوليت کي به قدرتي آفتن جي خطرن ۽ تعميراتي فيصلن جيتري اهميت ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو ڊيٽا سينٽر جسماني طور مضبوط ۽ محفوظ هجي، پر مقامي ماڻهن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي خدشن کي نظرانداز ڪري، ته اهڙي سيڙپڪاريءَ کي مڪمل طور پائيدار نٿو چئي سگهجي.
ان ڪري بدلجندڙ آبهوا جي حالتن کي نظر ۾ رکي رٿابندي ڪندڙ تعميراتي ادارن ۽ سيڙپڪارن کي لاڳاپيل ڌرين سان اڳواٽ صلاح مشوري کي به خطرن کي گهٽائڻ جي هڪ اهم حڪمت عملي سمجهڻ گهرجي.
انهن خدشن جو لازمي مطلب اهو ناهي ته مقامي ماڻهو ترقيءَ جا مخالف آهن. اڪثر اهي رڳو اهو ڄاڻڻ چاهين ٿا ته نئين اڏاوت ۽ ترقيءَ سان سندن برادرين، پاڻيءَ ۽ ٻين مقامي وسيلن تي ڪهڙو اثر پوندو.
ڪامياب منصوبا اهي ٿيڻ جا وڌيڪ امڪان رکن ٿا، جن ۾ اهم فيصلا حتمي ڪرڻ کان اڳ ئي مقامي حڪومتن، بجلي فراهم ڪندڙ ادارن ۽ برادرين جي نمائندن سان رابطو ۽ صلاح مشورو ڪيو وڃي.
ڪامياب اهي ادارا ٿيندا، جيڪي ڊيٽا سينٽرن جي ترقيءَ جي شروعاتي مرحلن کان ئي انهن سڀني عنصرن کي گڏ کڻي هلندا ۽ اهڙو بنيادي ڍانچو ٺاهيندا، جيڪو مستقبل جي موسمياتي تبديلين کي برداشت ڪرڻ سان گڏ معاشي ترقي ۽ مقامي برادرين جي ضرورتن کي به پورو ڪري سگهي.










