اسحاق ڊار چئن ڏينهن جي دوري تي برطانيا پهچي ويو

اسحاق ڊار چئن ڏينهن جي دوري تي برطانيا پهچي ويو

لندن (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جو نائب وزيرِاعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار برطانيا جي چار ڏينهن جي سرڪاري دوري تي لنڊن پهچي ويو آهي، جتي سندس برطانوي هم منصب سان پڻ ملاقات متوقع آهي. پرڏيهي وزارت موجب اسحاق ڊار 28 آگسٽ تائين برطانيا جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. دوري دوران سندس برطانوي پرڏيهي وزير ۽ ٻين اعليٰ برطانوي عملدارن سان اهم ملاقاتون ٿينديون.انٽرنيشنل ميري ٽائم آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات دوران اسحاق ڊار صومالي قزاقن وٽ يرغمال بڻيل پاڪستاني عملي جو معاملو اٿاريندو، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ علائقائي بحري سلامتي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان کان علاوه پرڏيهي وزير اسحاق ڊار دولتِ مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل شرلي آيورڪور بوچوي سان پڻ خصوصي ملاقات ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو