پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ”مان هميشه چوندو آهيان ته نچڻ وارا گهوڙا ميدان ۾ ناهن ڊوڙندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته وزيراعليٰ سهيل آفريدي کي هلائيندڙ ئي ڀڳوڙو آهي، جڏهن ته علي امين گنڊاپور جي ڀڄڻ جي عادت پراڻي آهي. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڏکئي وقت ۾ ڪارڪن اڳيان هوندا آهن ۽ اڳواڻ پاڻ پوئتي رهجي ويندا آهن.هن چيو ته علي امين گنڊاپور ٽول پلازا تان واپس ويندي دفعو 144 جو بهانو ڪري رهيو هو.فيصل ڪريم ڪنڊي موجب دفعو 144 ڊي آءِ خان جي مخصوص علائقن ۾ مخصوص وقت لاءِ لاڳو هئي، يارڪ ٽول پلازا تي نه.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي قيادت پنهنجي ئي ڪارڪنن کي بيوقوف بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ٿي.










