پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون ڪارروايون، 8 دهشتگرد گرفتار

پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون ڪارروايون، 8 دهشتگرد گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) مختلف ڪاررواين دوران 8 دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ شهزاد، محمود، نعمان، عدنان ۽ فاروق جي نالن سان ڪئي وئي آهي. ترجمان ٻڌايو ته جوابدارن وٽان ڌماڪيدار مواد، هٿ جا بم ۽ ٻه ڊيٽونيٽر هٿ ڪيا ويا آهن. سي ٽي ڊي موجب، گرفتار جوابدارن خلاف 7 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو