ڪراچي، فتنته الهندستان جو دهشتگرد گرفتار

ڪراچي، فتنته الهندستان جو دهشتگرد گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دهشتگرديءَ جي خاتمي واري اداري (سي ٽي ڊي) ۽ وفاقي حساس اداري گڏيل ڪارروائي ڪندي فتنته الهندستان سان لاڳاپيل هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو.
سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب، گرفتار دهشتگرد فضل حق خان جو تعلق فتنته الهندستان سان آهي، جنهن وٽان دستي بم پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. گرفتار دهشتگرد پرڏيهي سرپرستن جي هدايتن تي شهر ۾ موجود هو.
سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب، دهشتگرد حساس هنڌن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بڻائڻ جي رٿابندي ڪري رهيو هو.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار دهشتگرد پاڙيسري ملڪ مان دهشتگرديءَ جي تربيت حاصل ڪري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو