لاهور (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڪچي تيل سميت توانائي جي ٻين ذريعن جي فراهميءَ جي صورتحال اطمينان بخش آهي، پر گئس ۽ ايل اين جي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا.لاهور ۾ هڪ خانگي يونيورسٽيءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ توانائيءَ جي کوٽ پيدا ٿيڻ نه ڏني وئي، نه ئي پيٽرول پمپن تي ٻارڻ حاصل ڪرڻ لاءِ قطارون لڳيون ۽ نه وري توانائي بحران سبب امن امان جي صورتحال خراب ٿي.هن چيو ته پاڪستان جون آءِ ٽي ايڪسپورٽ سروسز هڪ ارب ڊالرن مان وڌي 4.6 ارب ڊالرن تائين پهچي ويون آهن، جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران آءِ ٽي برآمدات 5.5 ارب ڊالرن تائين پهچڻ جي اميد آهي.محمد اورنگزيب موجب پاڪستان جا پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا ملڪ جي تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهن ۽ ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصي جي درآمدن لاءِ ڪافي آهن، جڏهن ته ماضيءَ ۾ اهي ذخيرا رڳو ٻن هفتن جي درآمدن جي برابر رهجي ويا هئا.هن چيو ته گذريل سال اپريل کان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ ٽي ڀيرا بهتري آئي آهي، جڏهن ته عالمي مالياتي مارڪيٽن تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ اهم قدم کنيا ويا آهن.ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان هلندڙ سال اپريل ۾ پرائيويٽ پليسمنٽ ڪئي، پانڊا بانڊ جاري ڪري عالمي مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ڪئي ۽ سيپٽمبر جي پهرئين هفتي ۾ ٽن ارب يورو جا بانڊ جاري ڪيا. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني يورو بانڊز لاءِ سيڙپڪارن پاران مليل آرڊر جاري ڪيل بانڊن جي مقدار کان ٻيڻا هئا. ايشيا، وچ اوڀر، يورپ ۽ آمريڪا جي سيڙپڪارن پاڪستاني بانڊز ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي.هن چيو ته عالمي سيڙپڪار هاڻي آءِ ايم ايف پروگرام کانپوءِ پاڪستان جي معاشي صورتحال جو پڻ جائزو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته موجوده پروگرام ايندڙ سال آڪٽوبر ۾ ختم ٿيڻو آهي.توانائيءَ جي صورتحال بابت ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته علائقائي تڪرارن باوجود پاڪستان توانائي خريد ڪرڻ ۽ ان جي فراهميءَ لاءِ اثرائتا قدم کنيا آهن. نومبر تائين توانائيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مناسب انتظام موجود آهن، جڏهن ته سياري جي مند لاءِ پڻ تياريون جاري آهن.ناڻي واري وزير ٻڌايو ته حڪومت عام سبسڊي بدران ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيئن رليف حقدار ماڻهن تائين پهچي سگهي. هن چيو ته موٽرسائيڪلن، ٽن ڦيٿن وارين گاڏين ۽ 800 سي سي کان گهٽ انجڻ وارين گاڏين لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني وئي آهي، جنهن مان هينئر تائين هڪ ڪروڙ 20 لک منفرد ماڻهو فائدو وٺي چڪا آهن. مجموعي طور ملڪ جا لڳ ڀڳ چار کان پنج ڪروڙ ماڻهو ان رليف مان لاڀ حاصل ڪري چڪا آهن. محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ معاشي استحڪام سان گڏ ڍانچائي سڌارن تي عملدرآمد پڻ جاري آهي ۽ سڌارا هاڻي رڳو رٿابنديءَ جي مرحلي ۾ نه، پر عملي طور لاڳو ٿيڻ واري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن.










