عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل مهانگو

عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل مهانگو

دبئي (ويب ڊيسڪ) عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿي وئي، جنهن کانپوءِ برينٽ ڪچي تيل جي قيمت 103 ڊالر في بيرل کان وڌي وئي رپورٽن موجب برينٽ ڪچي تيل جي قيمت هڪ ڊالر 14 سينٽ، يعني 1.11 سيڪڙو واڌ سان 103 ڊالر 73 سينٽ في بيرل ٿي وئي، جڏهن ته آمريڪي خام تيل ڊبليو ٽي آءِ جي قيمت به 34 سينٽ، يعني 0.38 سيڪڙو اضافي سان 89 ڊالر 72 سينٽ في بيرل تي پهچي وئي.ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو اهم سبب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران تي لاڳو پابندين ۾ نرمي بابت آمادگي جي ترديد کي قرار ڏنو پيو وڃي.رپورٽن موجب برينٽ ڪچي تيل جي قيمت هلندڙ مهيني لڳ ڀڳ 14 سيڪڙو وڌڻ طرف وڃي رهي آهي، جيڪا جولاءِ کانپوءِ ڪنهن هڪ مهيني دوران سڀ کان وڏي واڌ هوندي، جڏهن ته ڊبليو ٽي آءِ جي قيمت ۾ پڻ لڳ ڀڳ 4 سيڪڙو اضافي جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو