عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ ٻيهر واڌ

عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ ٻيهر واڌ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ واڌ جو رجحان برقرار آهي. اربع ڏينهن صبح سوير واپار دوران برينٽ ڪچي تيل جو اگهه 89 سينٽ، يعني 0.8 سيڪڙو واڌ سان 106.58 ڊالر في بيرل ٿي ويو، جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) ڪچي تيل جي قيمت به 80 سينٽ، يعني 0.9 سيڪڙو وڌي 94.94 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي. خبر ايجنسي رائٽرز موجب، اڱاري ڏينهن واپار جي پڄاڻيءَ تي تيل جي اگهن ۾ گڏيل لاڙو ڏسڻ ۾ آيو هو، جنهن دوران برينٽ تيل جي قيمت ۾ 0.9 سيڪڙو گهٽتائي، جڏهن ته ڊبليو ٽي آءِ جي اگهه ۾ 0.4 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي هئي. واپارين جو ڌيان يمن جي حوثي گروپ ۽ سعودي عرب وچ ۾ ويڙهه سبب تيل جي فراهمي کي درپيش خطرن ۽ روس مان ڊيزل جي امڪاني اضافي فراهميءَ تي آهي. هوڏانهن سعودي عرب جي توانائي واري وزارت موجب، حوثي گروپ ظهران شهر ۾ سرڪاري تيل ڪمپني سعودي آرامڪو جي هڪ انتظامي عمارت کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ محدود پيماني تي باهه لڳي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو