شيرپائو ڪالوني ۾ رينجرز جو آپريشن؛ ڏوهاري گرفتار

شيرپائو ڪالوني ۾ رينجرز جو آپريشن؛ ڏوهاري گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاع تي ڪارروائي ڪندي رينجرز ڪراچي جي شيرپائو ڪالوني مان ڦرلٽ ۽ اسٽريٽ ڪرائم (روڊ تي ٿيندڙ ڏوهن) ۾ ملوث هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪري ورتو.رينجرز جي ترجمان موجب، شڪي شخص ”ارسلان شاهه“ کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ان جي قبضي مان هڪ موبائيل فون توڙي بغير رجسٽريشن دستاويزن واري موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.ان کان علاوه، شڪي شخص جي ساٿي جي گهر مان به 30 بور جو پسٽل ۽ گوليون (ايمونيشن) هٿ آيون.رينجرز جي ترجمان ٻڌايو ته اهو شڪي شخص شيرپائو ڪالوني، ملير، قيوم آباد ۽ ڪورنگي وارن علائقن ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو