انمول عرف پنڪي منشيات جي ٻن ڪيسن مان آزاد

انمول عرف پنڪي منشيات جي ٻن ڪيسن مان آزاد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سيشن ڪورٽ جمعي ڏينهن مبينا طور منشيات فروشيءَ جي مک جوابدار عورت انمول عرف پنڪي کي منشيات جي ٻن ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو.
پهريون ڪيس 2018ع ۾ ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ۾ داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته ٻيو ڪيس 2021ع ۾ گذري ٿاڻي تي داخل ٿيو هو.
انمول کي منشيات جي ٻنهي ڪيسن ۾ اشتهاري جوابدار قرار ڏنو ويو هو. هن بريت لاءِ ضابطه فوجداري جي قلم 265-K تحت الڳ الڳ درخواستون داخل ڪيون هيون. ان قلم تحت عدالت کي اختيار آهي ته اها ڪنهن به مرحلي تي جوابدار کي بري ڪري سگهي ٿي.
جمعي ڏينهن درخواستن جي ٻڌڻيءَ دوران انمول وڊيو لنڪ ذريعي ڏکڻ ضلعي جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿي. عدالت ٻنهي ڪيسن ۾ ثبوتن جي کوٽ سبب کيس بري ڪري ڇڏيو.
عدالت حڪم ڏنو ته جيڪڏهن انمول ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل نه هجي ته کيس جيل مان آزاد ڪيو وڃي.
سندس ڀاءُ ناصر کي به 2018ع واري ڪيس ۾ اڳ ئي بري ڪيو ويو آهي.
آگسٽ ۾ به سيشن عدالت ڪراچيءَ جي گذري ٿاڻي تي داخل منشيات جي ٽن ڪيسن ۾ انمول کي بري ڪيو هو.
انمول جي گرفتاريءَ جو معاملو مئي ۾ ان وقت سامهون آيو، جڏهن هوءَ ڪراچيءَ جي هڪ عدالت ۾ پيش ٿي. کيس ڪراچيءَ جي گارڊن ٿاڻي تي داخل ٻن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، جن جو تعلق منشيات ۽ بنا لائسنس هٿيار رکڻ سان هو.
اهو معاملو ان وقت سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻيو، جڏهن انمول کي هٿڪڙيون لڳائڻ کان سواءِ عدالت وٺي ويندڙ وڊيو وائرل ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو